جيڪب آباد ۾ٽن ٻارن جي ماءُ گهٽا ڏئي قتل

جيڪب آباد (رپورٽ:سڪندر سرڪي) جيڪب آباد ۾ٽن ٻارن جي ماءُ  گهٽا ڏئي قتل، الزام سندس وڏي ڀيڻ تي هنيو ويو.رپورٽ موجب  جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد بسم الله باغ واري علائقي ۾ شهناز کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو،جنهن جو الزام سندس وڏي ڀيڻ شاهده تي هنيو ويو.لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سول لائين ٻڌايو ته وارثن موجب شاهده کي حسابي چڪر آهي، جنهن پنهنجي ننڍي ڀيڻ شهناز کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو، ٻئي عورتون ڀينرون ھئڻ سان گڏ ڏيرياڻيون به آھن، ٻنھي کي ٽن ٽن ٻارن جو اولاد آھي، سندن مڙس شھباز ايئربيس ۾ ملازم آھن، اڃا تائين الزام هيٺ آيل ناري کي گرفتار ناھي ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا ته عورت کي ڪنهن قتل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.