خيرپور پوليس هٿان نوجوان جي هاف فراءِ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو

خيرپور(ڊ ر)خيرپور پوليس هٿان مقابلو ڄاڻائي صفائي ڪندڙ نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو، وارث عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي شهيد مرتضيٰ ميراڻي ٿاڻي جي پوليس طرفان نوجوان نادر علي ولد خادم حسين شيخ کي سپريئر سائنس ڪاليج ڀرسان مبينا مقابلو ڏيکاري ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڏيکاري سندس خلاف پوليس مقابلي ۽ ناجائز اسلحي جو ڪيس داخلا ڪرڻ واري معاملي خلاف شهيد آباد پاڙي جي رهواسي عورتن طرفان مسمات پروين شيخ، مسمات ڪنيز شيخ، مسمات امبرين شيخ، مسمات رقعيه شيخ ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن  الزام مڙهيو ته نوجوان نادر علي شيخ سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ صفائي ڪندڙ آهي ۽ اهو گذريل ڏينهن تي عدالت ۾ صفائي ڪرڻ بعد واپس گهر پئي آيو ته کيس نيشنل بئنڪ موڙ وٽان پوليس کنڀي ٻئي ڏينهن تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري کين گوليون هڻي زخمي ڪري ناانصافي ڪئي آهي، هنن ڄاڻائيو ته اسان غريب صفائي ڪندڙ آهيون ۽ ڪيس جي شفاف نموني ۾ جاچ ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.