پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ۽ ايوان کان ٻاھر

تحرير: گل محمد منگي

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف اڱاري ڏينھن پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 43- قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪندي انھن اسيمبلي ميمبرن جي سيٽن کي خالي قرار ڏيڻ لاءِ  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو آھي۔ جنھن کانپوءِ  پاڪستان تحريڪ انصاف نه صرف قومي اسيمڀلي جي ايوان پر پنجاب جي صوبائي حڪومت ۽ ان سان گڏوگڏ خيبرپختونخواه جي حڪومت مان به ٻاھر ٿي وئي آھي۔ دراصل عمران خان خلاف 10-اپريل 2022 تي عدم اعتماد واري قرارداد جي منظوري بعد ايوان ميان شھباز شريف کي نئون وزيراعظم چونڊي ورتو جنھن کانپوءِ  پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي ڪارروئي جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ بعد ۾ اسيمبلي ميمبر شپ تان اجتماعي استعيفائون ڏئي ڇڏيون۔ اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران 11-جولاءِ  تي پي ٽي آءِ جي يارنھن قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون۔ جڏھن ته 20-جنوري 2023 تي وڌيڪ 35 اسيمبلي ميمبرن ۽ 25-جنوري 2023 تي باقي رھيل 45 مان 43 اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ ھاڻي قومي اسيمبلي جي ايوان مان ٻاھر ٿي چڪي آھي، جڏھن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومتن کي ٽوڙڻ کانپوءِ  اتي به نگران حڪومتون جڙي چڪيون آھن۔

دراصل اسپيڪر قومي اسيمبلي تڙتڪڙ ۾ ان لاءِ  قومي اسيمبلي تان استعيفائون منظور ڪري ورتيون ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت راجا رياض جي مشاورت سان وفاق ۾ پنھنجي مرضي جي نگران حڪومت ٺاھڻ چاھي ٿي۔ ھاڻي ان لاءِ  رستو صاف ٿي چڪو آھي۔ پي ٽي آءِ اسپيڪر جي ان قدم خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آھي۔

پي ٽي آءِ کي پڪ ھئي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون صوبائي اسيمبليون ٽٽڻ بعد نيون چونڊون ٿيڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي ويندي پر ان سان گڏ چئني صوبن ۾ حڪومتون به ٺاھي سگھندي۔ جيتوڻيڪ ھاڻي صوبن توڙي وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي مرضي مطابق نگران حڪومتون قائم ٿي چڪيون آھن پر ان جي باوجود به عام چونڊن جو اعلان نه ٿيڻ جي ڪري پي ٽي آءِ جي ڳڻتي کي سمجھي سگھجي ٿو۔ مقتدر قوتون پي ٽي آءِ سان ٻه ھٿ ڪري چڪيون آھن۔ جيڪڏھن پي ٽي آءِ عدالتن جو در کڙڪايو ته ان جي ڪري اليڪشن ۾ دير ٿيڻ جو امڪان آھي پر جيڪڏھن پي ٽي آءِ روڊن تي اچڻ ۽ احتجاج ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪيو ته پوءِ  ان جا نتيجا تمام خراب نڪري سگھن ٿا۔ ملڪ جون حالتون ڪافي خراب ٿي چڪيون آھن ۽ ھن وقت ملڪ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي۔ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي نتيجي ۾ معاشي گھوٽالو وڌيڪ تيز ٿي سگھي ٿو۔

جيتوڻيڪ ان ڳالهھ جا چٽا امڪان آھن ته آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ واسطي حڪومت ان جا سمورا شرط مڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ بجلي ۽ گيس سميت پيٽرول جون قيمتون به وڌائڻ جو اعلان جلد متوقع آھي۔ ان قسم جي فيصلن سان ظاھر آھي ته موجوده حڪومت جي ساک سخت متاثر ٿيندي ۽ ان کي اليڪشن وڙھڻ ۾ ڪافي مشڪلات پيش ايندي ۽ ان جو فائدو ته لازمي طور تي پي ٽي آءِ کي ملي ويندو۔ انڪري موجوده حڪمرانن لاءِ  اليڪشن ۾ ڪاميابي جو سڄو دارومدار ھاڻي وڃي نگران حڪومت تي بيھي ٿو۔

جيڪڏھن نگران حڪومتن جي جوڙ جڪ سميت سمورا معاملا خوش اصلوبي سان حل ٿي وڃن ھا ته اھو ملڪ لاءِ  شايد ڪجھه حد تائين بھتر ٿئي ھا پر ھاڻي اھو معاملو تڪراري بڻجي چڪو آھي۔ ملڪ اڳ ۾ ئي ڏيوالپڻي ڏانھن وڌي رھيو آھي ۽ حڪمرانن جي شاھ خرچين ۽ ڪرپشن سبب ھن وقت صورتحال مڪمل طور تي تباھي طرف وڌي رھي آھي۔ اھڙين حالتن ۾ به جيڪڏھن حڪمران طبقو عوام جي ڀلائي ۽ بھتري جي بجاءِ رڳو پنھنجي سياسي ۽ مالي مفادن لاءِ  جستجو ۾ مصروف عمل رھي ٿو ته ان قسم جي سياست جو ڪھڙو فائدو؟ دراصل حڪمران طبقي جا مفاد عوام جي امنگن جي خلاف ۽ انھن جي مفادن جي ٽڪراءَ ۾ آھن۔ حڪمرانن جا مفاد پنھنجا آھن ۽ انھن کي غريب طبقي جو ڪو به فڪر نه آھي جيڪو مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي۔ ملڪ ۾ مھانگائي جو ھڪ اڻ کٽ طوفان آيل آھي ۽ ھن وقت پاڪستان مھانگائي ۾ باقي دنيا کان گوءِ کٽي چڪو آھي۔ ڊالر ھڪدم وڃي 153 رپين کي پھتو آھي۔ اسٽاڪ ايڪسچينج جو ٻيڙو ته اڳي ئي ٻڏل آھي ۽ کائڻ، پيئڻ ۽ عام واھپي جي شين تائين عوام جي پھچ نه رھي آھي۔ انڪري مسڪين ماڻھن جي جياپي جو ھر رستو تنگ ٿي چڪو آھي۔

سرمائيداري نظام جيتوڻيڪ ملڪ کي نه صرف ڏيوالي تائين پھچايو آھي پر ان جي تباھين جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي۔ پورھيت طبقو ۽ ڏھاڙي ڪمائڻ وارا ماڻھون تباھ حال ٿي چڪا آھن۔ انھن حالتن ۾ کاٻي ڌر وارا به عام ماڻھن کان ڪٽيل ھجڻ جي ڪري ڪو ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آھن۔ ڏئي وٺي ماڻھون وري ساڄي ڌر ڏانھن واجھائڻ تي مجبور آھن۔ ترقي پسند ڌريون ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آھن. انڪري عوام صفا نڌڻڪو بڻجي چڪو آھي۔ ھڪ طرف آپگھات جو لاڙو وڌي ويو آھي ته ٻئي طرف ڏوھن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌارو اچي چڪو آھي۔ اھڙين حالتن ۾ سمورا ادارا ويھجي ويا آھن ته پوءِ  نيٺ ڇا ٿيندو؟

اھڙين حالتن ۾ ماڻھن وٽ ته احتجاج کانسواءِ ڪو رستو بچيو ئي نه آھي۔ انڪري جيڪڏھن ليڊرن جا افعال اھي ئي رھيا ته ماڻھون پاڻمرادو رستن تي نڪري ايندا ۽ جيڪي به حالتون پيدا ٿيون ان ۾ ليڊر ئي لتاڙجي ويندا. ڇو ته عام خلق اڳواٽ ئي گھڻو لتاڙجي چڪي آھي۔ اھڙين حالتن ۾ ٿي سگھي ٿو ته ملڪ کي ئي خدانخواسته ڪو نقصان نه پھچي۔ ان کان اڳ جو حالتون ھٿن مان نڪري وڃن حڪمرانن کي گھرجي ته عقل کان ڪم وٺن۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.