ڄام صاحب ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏڻ لڳو!

تحرير: نذير ڏاهري

ڄام صاحب شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود تعليمي ادارن ۾ تازو ئي، ڄاڻ موجب آئي بي اي پاس استادن جي مقررين تي وڏو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري معياري تعليم يافته استاد ڀرتي نه ٿيڻ ڪري شاگردن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي. 2021 واري تعليمي پاليسي جي سخت ڀڃڪڙي ڪندي وڌيڪ مارڪون کڻندڙ استادن کي پري وارين يوسين ۾ ۽ گهٽ مارڪون کڻندڙ استادن کي سياسي آشيرواد سان ۽ استاد تنظيمن جي اڳواڻن جي چوڻ تي صرف پنهنجي فائدي لاءِ من پسند استادن کي ويجهو وارين يوسين ۾ رکيو ويو آهي. جنهن سان وڌيڪ انرولمينٽ وارو ڄام صاحب گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول سخت متاثر ٿيو آهي. تعليم کاتي جو سڄو رڪارڊ آن لائن تي موجود هئڻ باوجود ڊائريڪٽر شھيد بينظيرآباد توڙي لاڳاپيل اختيارين پاران اسڪولن جو نظام بهتر بڻائڻ جي زحمت نه ڪئي وئي آهي.

ڄام صاحب ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ وڌيڪ انرولمينٽ 1535 هجڻ باوجود اتي صرف 29 استاد پڙهائڻ لاءِ موجود آهن. جن ۾ هڪ جي اي ايس ٽي في ميل ٽيچر پڻ آهي پر اها ڀر واري گرلس اسڪول ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ آهي. اسڪول ۾ شاگردن لاءِ باقي صرف 28 استاد مقرر ٿيل آهن، پر ان جي باوجود تعليم جو نظام تباهه حال بڻيل آهي. تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڪير به اڳيان نٿو اچي.

2021 جي تعليمي پاليسي، جنهن ۾ خود تعليم جي وزير پاران اعلان ڪيو ويو ته 30 شاگردن لاءِ هڪ استاد ڊيوٽي سر انجام ڏئي سگهندو. ان حساب سان گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ 20 کان 22 نون استادن جي ضرورت آهي.

گورنمينٽ فقير غلام رسول ھاءِ اسڪول ڄام صاحب کي صرف ھائر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو ويو. هر سال هزارين شاگرد اي ون ۽ ٽاپ پوزيشن کڻي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندڙ اداري هائر سيڪنڊري اسڪول کي 15 سال گذري ويا پر اڃان تائين ٽيچنگ اسٽاف، ليڪچرار مقرر نه ڪيا ويا.

وڏي تعجب جي ڳالهه آهي ته جنهن اداري ۾ 15 سالن کان ڪو ليڪچرار مقرر نه ڪيو ويو. ڪلاس نه ھليا. اتي صرف امتحان پاس ڪرڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ ٻين صوبن مان پڻ هر سال داخلا وٺندڙ شاگرد ڪاپي ڪلچر ڌام ڌوم تي هلڻ ڪري پوزيشن حاصل ڪندا آهن. جڏهن ته ڄاڻايل اسڪول ۾ 8 کان وڌيڪ ليب اسسٽنٽ مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪو ليب اسٽڊي جو ڪلاس ئي نه آهي. ٻئي پاسي ڄام صاحب ڀرسان گورنمينٽ اسماعيل خان بروهي ايليمينٽري اسڪول ۾ جنهن جي انرولمينٽ 400 آهي پر اتي 12 کان به وڌيڪ نوان استاد رکيا ويا آهن. جڏهن ته اسڪول جي عمارت ئي صرف چئن ڪمرن تي مشتمل آهي. چئن ڪمرن ۽ چار سئو شاگردن لاءِ 16 استاد مقرر ڪيا ويا آهن.

ڄام صاحب شهر جي سڏ پنڌ تي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول مير خان اتيرو ۾ صرف 67 انرولمينٽ تي هڪ ايس ايس ٽي 4 جي اي ايس ٽي ۽ 3 پي ايس ٽي مطلب 67 شاگردن لاءِ 8 استاد مقرر ڪيا ويا آهن.

گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري مير خان اتيرو اسڪول جي بلڊنگ ئي ٻن ڪمرن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ شاگردن جي داخلا ئي صرف 67 جن ۾ شاگردن جي حاضري صرف 35 کان 40 انهن لاءِ صرف پرائمري جا باقي ڇهين کان اٺين درجي جو ڪو به شاگرد داخل ئي ناهي اتي 9 استاد جن ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪندڙ 4 جي اي ايس ٽي، استاد مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته اسڪول ۾ ٽوٽل استادن جي ويهڻ لاءِ ٽي ڪرسيون آهن، ٻيا استاد اسڪول جي ديوار تي ويهندا آهن.

هن وقت ڄام صاحب جي تعليم کاتي ۾ سڌارا آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته هن شهر جي شاگردن تي رحم کائي تعليم جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن. اسڪولن جون بلڊنگون نئين سر تعمير ڪرائي ڀرتين ۾ سياسي مداخلت بند ڪري ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ۽ سندن مقرري به ضرورت وارن اسڪولن ۾ ڪئي وڃي. ته جيئن ڄام صاحب ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن جي تعليم ۾ سڌارا اچي سگهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.