جديد شهر ڪراچي ۽ قديم آبادين جا مسئلا !

تحرير: علي محمد ميمڻ

سنڌ جي گاديءَ  وارو محبوب شهر ،ڪراچي، صدين کان سنڌ جي معيشت، مستقبل سازي ۽ ترقيءَ  ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن شهر جي اهميت ۽ قدر و قيمت سنڌي قوم ۽ ملڪ جي عوام لاءِ  وڏين اميدن جو مرڪز ۽ بهتر مستقبل سازي ۾وڏو ڪردار ادا ڪندڙ  مرڪزي شهر پنهنجي آبادي جي لحاظ کان سموري ملڪ ۾ پهرين نمبر تي آهي. ڪراچي شهر جي وسعت ۽ پکيڙ  شهر جي چئني ڏسن ۽ رخن ۾ٿي رهي آهي. ڪراچي شهر جو هڪ ڇيڙو ڪياماڙي ۽ منوڙي کان شروع ٿي حيدرآباد واري موٽر وي تي بحريه ٽائون کان به اڳتي وڌي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي تائين وڃي پهتو آهي ۽ ٻئي پاسي کان  بلوچستان جي سرحد حب ندي جي ڪپ ۽ سامونڊي ڪناري سان هلي گهگهر ڦاٽڪ به اڪري ٺٽي ضلعي جي شهر گهارو تائين وڃي پهتو آهي. ڪراچي شهر دنيا جي عجيب و غريب صورتحال آهي جو هي پنهنجي پراڻي ٿيل رٿابندي ۽ حد بندين کي به لتاڙي بدمست اٺ يا شهزور رڇ وانگر  بغير ڪنهن قانون ۽ شهري اڏاوت جي قانون ۽ قاعدن کانسواءِ  هر پاسي وڌي رهيو آهي. ڪراچي شهر ۾ هن وقت سنڌ جي سمورن ضلعن کان ماهوار هزارن جي تعداد ۾ آبادي ڪراچي ۽ حيدرآباد منتقل ٿي رهي آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيل مڪاني ادارن جي 15جنوري 2013ع جي چونڊ  نتيجن پڻ سنڌ جي  انهن ٻنهي وڏن شهرن جي هاڻوڪي آدمشماري بابت تبديل ٿيل صورتحال کي اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.

تاريخي حقيقت جي ريڪارڊ موجب، ڪراچي جي شهر جي مستقبل ۽ روشن مستقبل سازي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سنڌجي ٻهراڙي وارن علائقن جي نوجوانن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ ۽ هن شهر جي فن، هنر ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليمي ادارن مان وڌ ۾وڌ لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ  گهڻو همٿايو ويو.  ڪراچي جو سهڻو علائقو گلشن اقبال جيڪو هن وقت لڳ ڀڳ حيدرآباد جيڏو شهر بنجي چڪو آهي، تنهن تي نالو  پڻ هن علائقي ۾ نيپا پل سان لڳ موجود اقبال جوکيو ڳوٺ جي نالي سان گلشن اقبال ڪري رکيو ويو. حڪومت طرفان سرڪاري پاليسي تحت ڪراچي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ٻهراڙين کان حڪومت سنڌ، وفاقي سرڪار جي وزارتن ۽ فيڊرل سيڪريٽريٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيرن وٽ ايندڙن کي ڪراچي ۾ منتقل ٿيڻ لاءِ  پرچار ڪيو ويندو هو . پيپلز پارٽي جي انهي پهرين حڪومت ۾ ڄام صادق علي سنڌ ۾ بلديات جي وزير کي خاص طور تي انهي آبادي جي معاملن جي پڻ وزارت ۽ ذميواري مليل هئي ته، هو سنڌين کي پنهنجي شهر ڪراچي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ  اچي رهن ۽ ان لاءِ  گلشن اقبال ۾ مفت پلاٽ پڻ ڏنا ويا ۽ جيڪي گهر ٺاهڻ ۾ مالي مشڪلاتن جو چوندا هئا ته کين ٻه ٻه پلاٽ ڏنا ويندا هئا ته هڪ ئي وڪڻي ٻي مان گهر ٺاهي اچي رهو. اهڙي ريت، ان هوندي به هت گهٽ ماڻهو منتقل ٿيا ۽ ته ڀڳڙن مٺ ۾ پنهنجو اهو اثاثو وڪڻي هليا ويا. اهڙي ريت هاڻي ، سنڌين جو ٽيون نسل وري ڪراچي ۾ پنهنجو جياپو ڳولي رهيو آهي. تن کي پڻ  محترمه بينظير ڀٽو جي فرمان موجب،  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اڍائي سئو قديمي ڳوٺن ۽ وسندين کي سنڌ اسيمبلي ۾ خاص قانون پاس ڪرائي ليز ۽ مالڪاڻا حق ڏنا ويا.

هر قوم جي مستقبل سازي ۾وڏن شهرن ۽ خاص طور تي ڪراچي شهر جو مرڪزي ڪردار آهي،  قومي ترقي ۽ شهرن جو جديد سرشتو قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ  گهربل علم، تعليم ۽ صنعت ۽ واپاري علمن ۽ تجربن کي بنيادي اهميت حاصل آهي. سنڌي هندو ورهاڱي واري دور ۾ ڏک ڏسندي پنهنجي وطن مان لڏي ويا۽ باقي گهٽ تعداد ۾ موجود آهن . سنڌ جي مڊل ۽ مٿئين ڪلاس جي پڙهيل ۽ تجربيڪار ماڻهن جي اوچتو سنڌ مان هليو وڃڻ ڪري جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اوسر ۽ ترقي ۾ خال پيدا ٿيو اهو اڃا تائين ڀرجي نه سگهيو آهي. ٻئي پاسي،  هندو سنڌين جي سنڌ مان لڏي وڃڻ واري وقت ۾  اهي قديم سنڌي واپاري خاندان جيڪي ڪجهه صديون اڳ  ٺٽي، بدين، هالار، ڪڇ، ڪاڇي، ۽ ٿر ۽ راجسٿان وارن علائقن مان واپار سانگي هندستان جي ڪاٺياواڙ ۽ بمبئي لڏي ويا هئا ۽ تن جا نسل  جيڪي گجراتي ميمڻ سڏائين ٿا اهي ملڪ ٺهڻ بعد وڌي تعداد ۾ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي مختلف علائقن کان لڏي وري پنهنجي پراڻي وطن سنڌ ۾ موٽي آيا آهن ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏن واپارن ۽ صنعتن ۽ مارڪيٽن جا ڪامياب واپاري ۽ صنعتن جا مالڪ آهن.مزيدار ڳالهه ته  گجراتي ميمڻ گروپ ملڪ جي صنعتي ۽ واپاري سرگرمين ۾سنڌين جي نمائندگي ڪن ٿا. ڪراچي جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ سنڌين جي پينل جي حيثيت ۾ ٿئي ٿو. اهڙي ريت،  ملڪ جي فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ پڻ اعلي مانائتو مقام حاصل اٿن. اهي واپاري گهرن ۾ ميمڻي ڳالهائين، جيڪا پراڻي  سنڌي زبان جو هڪ لهجو ئي  آهي. سنڌين جون اهي قديمي ذاتيون جيئن ته شهري طبيعت ۽ مزاج رکندڙ ۽ گهڻو ڪري اعلي تعليم يافتا آهن سنڌ جي  هڪ مٽيءَ  وارن انهن ماڻهن ۽ نسلن سان پنهنجي قديم قومي لاڳاپن وارو سلسلو وري ڳنڍڻ ۽ انهن کي پڻ پاڻ سان جوڙڻ لاءِ  سنڌ جي ساڃهه وندن کي اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪرڻ  گهرجي.

ڪراچي شهر جيئن جيئن وڌي ويجهي رهيو آهي تيئن تيئن هن شهر جي قديم سنڌي ۽ بلوچ  آبادين لاءِ  فائدن سان گڏ سماجي ۽ تعليمي مشڪلاتون پڻ وڌي ويون آهن. ڪراچي جي قديم ۽ جديد تاريخ جي ڪتابن جو مصنف ۽ ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي جو ليکڪ محترم گل حسن ڪلمتي، جيڪو هن وقت پنهنجي علاج لاءِ  ڊائو اسپتال ۾داخل آهي، سندس عيادت ڪرڻ لاءِ  ميڊم حميده گهانگهرو، ايگزيڪٽو ايڊيٽر روزاني عوامي آواز سان گڏ اسپتال وڃڻ ٿيو ته انهي   دوران ساڻس ڪراچي جي قديم آبادين جي مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حوالي سان قيمتي ڳالهه ٻولهه ٿي. گل حسن ڪلمتيءَ  موجب، ڪراچي جي وڌندڙ  شهر جون  قديم سنڌي آباديون  پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم ۽ قومي سڃاڻپ جي خطرن جو شڪار آهن ۽ اهي اصل ماڻهو زمينن ۽ وسيلن کان محروم ٿي رهيا آهن.  خاص طور تي اڳوڻي گڏاپ ٽائون، ملير، لياري ، ڪياماڙي، منهوڙي،مواڇ وارن وسيع علائقن ۾قديم سنڌي ۽ بلوچ آبادين جا نسل لاءِ  جديد تعليمي ادارن جي کوٽ، سنڌي تعليم ۽ اسڪولن جي کوٽ انهن قديم آبادين جي نسلن کي سندن مادري ٻولي ۾ تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي تعليم نه پڙهائڻ ڪري نسل پنهنجي مادري زبان کان محروم ٿي رهيا آهن. هن گهر ڪئي ته،  سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميديڪل ڪاليج  ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو سميت سنڌ جي اهم يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جا ڪئمپس ملير، گڏاپ، لياري، ڪياماڙي ۽ ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ترت قائم ڪيا وڃن. هن اهو پڻ چيو ته سنڌ ۾ قومي سطح تي حڪومت ۽ ٻين ڌرين ۾ اجائي ڇڪتاڻ قومي مفاد ۾ ناهي، سمورين ڌرين کي هڪٻئي لاءِ  پنهنجا رويا سڌارڻ گهرجن . گل حسن ڪلمتي جو چوڻ هو ته، سياسي اختلاف رکڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر ڌرين جي هڪٻئي سان دشمني وارا رويا سنڌ وطن ۽ قوم لاءِ  تمام گهڻو هاڃيڪار آهن. هن ٻڌايو ته هو پنهنجي بيماري سبب ميمڻ اسپتال صفوران ڳوٺ ۾ داخل ٿيو هو . ان دوران ڊاڪٽر ايوب شيخ عيادت ڪرڻ آيو ته هن منهنجي بيماري جي خبر ميڊيا کي ڏني جنهن تي سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه  ترت قدم کنيا ۽ پنهنجي ڊائريڪٽر جنرل منورعلي مهيسر کي موڪليو جنهن سندس عيادت ڪئي ۽ ثقافت کاتي جي خرچ تي سموري علاج جي ذميواري قبول ڪئي ۽ کيس ميمڻ اسپتال کان ڊائو اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس بهتر علاج ٿي رهيو آهي. گل حسن ڪلمتي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي سمورن اديبن، صحافين ، علمي ۽ سماجي شخصيتن جي علاج معالجي  لاءِ   صحت ڪارڊ جاري ڪري ، جيئن هو بنا ڪنهن مشڪلات جي پنهنجو علاج ڪرائي سگهن.گل حسن ڪلمتيءَ  جو وڌيڪ اهو پڻ چوڻ هو ته بحريه ٽائون جي والار خلاف ڪراچي انڊيجينئس الائنس جي سماجي جدوجهد دوران بحريه گيٽ موٽروي تي ٿيل وڏي اجتماع کي ڪجهه سياسي ڌرين پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ  هاءِ جيڪ ۽ استعمال ڪري وڏو ظلم ڪيو. سنڌ حڪومت سميت سمورين ڌرين کي هڪٻئي سان قومي معاملن ۽ رٿابندين تي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ ڪراچي جي قديم آبادين جي حفاظت ۽ سماجي ، معاشي ۽ سياسي حقن بابت گڏجي حفاظت ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.