اهي سوال، جيڪي پُڇڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي

 

اڪثر ماڻهو اڻڄاڻائي ۾ هڪٻئي کان نجي ۽ سماجي زندگي بابت اهڙا سوال ڪري ويهندا آهن، جن جي نوعيت انتهائي نامناسب ۽ غير ضروري هوندي آهي ۽ اهڙن سوالن سان نه رڳو ماڻهن جي پرائيويسي ۾ خلل پوندو آهي پر انهن جي ذهني صحت به متاثر ٿيندي آهي.

تنهن ڪري اسان کي ڪنهن کان اهڙي قسم جا سوال نه پڇڻ گهرجن، اهي سوال ڪهڙا آهن؟ اچو ته هيٺ ڏسي وٺون.

نئين پرڻيل جوڙي کان سوال ته: ڪڏهن ٿا خوشخبري ٻڌايو؟

تعليم يافته نوجوان کان سوال ته: ڪٿي نوڪري شروع ڪئي؟

رهائش لاءِ مسواڙ تي گهر ڳوليندڙ کان سوال ته: پنهنجو گهر ڇو نٿا وٺو؟

پنڌ سفر ڪندڙ کان سوال ته: پنهنجي سواري ڪڏهن وٺندئو؟

ڪنواري ڇوڪريءَ کان سوال ته: ڪٿي رشتي جي ڳالهه ٿي؟

توهان جا اهي غير ضروري سوال ٻين لاءِ سخت ڊپريشن جو سبب بڻجي سگهن ٿا، تنهن ڪري اهڙن نامناسب سوالن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.