زال کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيندڙ مڙس زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو!

شارجا ( ويب ڊيسڪ ) شارجا جي ال ممرز جي سمنڊ ڪناري تي گهمڻ آيل جوڙي تي ان وقت قيامت ڪڙڪي پئي جڏهن سمنڊ ۾ ٻڏندڙ زال کي بچائڻ لاءِ مڙس پاڻ ئي ٻڏي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب سينٽرل آپريشن روم تي اطلاع مليو ته سمنڊ ڪناري جوڙي جي ٻڏڻ جو حادثو پيش آيو آهي جنهن تي شارجا سول ڊيفنس ۽ پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي عورت کي بچائي ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي مڙس کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي پر اِها ناڪام ثابت ٿي پر عملي ريسڪيو آپريشن دوران سندس لاش سمنڊ مان ڪڍي ورتو آهي.

پوليس موجب مڙس پنهنجي زال کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو پر پاڻ ئي ٻڏي فوت ٿي ويو.

سينٽرل آپريشن روم طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ٻڏڻ واري جوڙي جوواسطو ايشيا سان آهي جڏهن ته پوليس واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرن لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.