ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد لاءِ ممبئي ۾ مسواڙ تي گهر حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عرفي ٻڌايو ته ممبئي ۾ مون کي مسواڙ تي اپارٽمينٽ نٿا ملن، ڇو ته مسلمان مون کي لباس جي ڪري ۽ هندو مالڪ مون کي مسلمان هجڻ سبب گهر نٿا ڏيڻ چاهين.
Muslim owners don’t want to rent me house cause of the way I dress, Hindi owners don’t want to rent me cause I’m Muslim. Some owners have an issue with the political threats I get . Finding a rental apartment in mumbai is so tuff
— Uorfi (@uorfi_) January 24, 2023
هن ٻڌايو ته ڪجهه مالڪن کي سياسي ڌمڪيون ملڻ جو به مسئلو آهي، ممبئي ۾ منهنجي لاءِ مسواڙ تي اپارٽمينٽ وٺڻ ڏکيو ٿي ويو.
واضح رهي ته عرفي جاويد کي پنهنجي لباس سبب ريپ ۽ قتل جون ڌمڪيون به ملي چڪيون آهن، جڏهن ته ڀارتي وزير اداڪارا کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو هو.