ڊالر ريٽ ڪيپ ختم، اوپن مارڪيٽ مان خريداري لاءِ ڊالر جو اگهه 253 رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ايڪسچينج ڪمپنين ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ، وڌندڙ ريٽ ۽ موجوده غير يقيني واري صورتحال سبب ڊالر جو فڪس ريٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ملڪ بوستان جي سربراهي ۾ اڄ اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ وڊيو پيغام ۾ ملڪ بوستان ٻڌايو ته اجلاس ۾ سڀني ميمبرن ايسوسيئيشن کان مطالبو ڪيو ته اسان ملڪي مفاد ۾ ڊالر جو اگهه فڪس ڪيو هو، ڇو ته اسان کي لڳو ڊالر جو ريٽ نه وڌندو پر اهو قدم ناڪاري ثابت ٿيو ۽ ڊالر وڌي ويو.هن چيو ته ان ئي سبب ڊالر مارڪيٽ ۾ به موجود ناهي ۽ بليڪ مارڪيٽ وجود ۾ اچي وئي آهي، ان صورتحال کي ڏسندي اسان فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀاڻي صبح اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سان ميٽنگ آهي، ماڻهن کي ڊالر ملڻ شروع ٿي ويندو ته بليڪ مارڪيٽ ختم ٿي ويندي،اجلاس ۾ چيو ويو ته مارڪيٽ ۾ مصنوعي طلب رهي، ماڻهو اسان کان ڊالر خريد ڪري گري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري رهيا هائ، گري مارڪيٽ ڏينهون ڏينهن مٽاسٽا جو ڪم پنهنجي طرف منتقل ڪري رهي هئي، ڊالر جو مارڪيٽ ريٽ 250 رپين کان وڌيڪ آهي، ايسوسيئيشن چيو ته ڪيپ ڪرڻ جو فيصلو اسان جو پنهنجو هو، ختم ڪرڻ جو فيصلو به اسان جو پنهنجو آهي، فاريڪس مارڪيٽ ذريعن مطابق اوپن مارڪيٽ ۾ خريداري لاءِ ڊالر جو ريٽ 253 رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڊالر جي قيمت وڪرو 255 رپيا مقرر ڪرڻ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊز لاءِ ڊالر جي سيٽلمينٽ قيمت 256 رپيا ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.