موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو: بلاول

تاشقند(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سمورن ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان ۾ گليشيئر تيزي سان پگهري رهيا آهن، پاڪستان مسئلن جي حل لاءِ سمورن ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته دنيا کي معاشي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا جهڙا مسئلا درپيش آهن، هاڻي کڄندڙ قدم اسان جي مستقبل کي طئي ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو، اسان کي خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيوته تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، لکين گهر ۽ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل متاثر ٿيا. هوڏانهن بلاول ڀٽو چيو ته اي سي او ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطي، واپار ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي اسان جي انٽرا ريجنل ٽريڊ خطي جي مجموعي واپار جو 8 سيڪڙو کان به گهٽ آهي جيڪو يورپي يونين جي ابتڙ آهي جتي انٽرا ريجنل ٽريڊ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي هن چيو ته افغانستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي ۾ اسان جي خطي جو اهم حصو آهي، اها اسان جي انتهائي خواهش آهي ته ڀائر ملڪ افغانستان ۾ امن کي پاڙ پڪڙيندي ڏسون جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنگ ۽ عدم استحڪام جي ڪري نقصان کڻي رهيو آهي. اسان اي سي او ريجن کي هڪ خوشحال واپاري بلاڪ ۾ تبديل ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا ته جيئن خطي ۾ آزاد واپار کي فروغ ملي جيڪو عالمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو عنصر بڻجندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.