عذير بلوچ قتل جي وڌيڪ هڪ ڪيس مان آزاد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جڊيشل ڪمپليڪس لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ خلاف قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عذير بلوچ ۽ ذاڪر عرف دادا کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. عذير بلوچ جي وڪيل عابد زمان عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته عذير بلوچ تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي.جوابدار عذير بلوچ جي وڪيل چيو ته ڪيس جي شاهدن جي بيانن ۾ به  تضاد آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته عذير بلوچ ۽ ذاڪر دادا تي مخالف گينگ جي ميمبر عمران کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي،جوابدارن تي الزام آهن ته جوابدارن مخالف گينگ جي ميمبر عمران کي 2012ع ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جوابدار خلاف لياري جي علائقي  ڪلاڪوٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.واضح  رهي ته عذير بلوچ هن وقت تائين 25 ڪيسن مان آزاد ٿي چڪو آهي،عزير بلوچ خلاف 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن ۽عزير بلوچ سينٽرل جيل ۾قيد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.