سجاول ڊي سي آفيس مان 400 جعلي ڊوميسائل جاري، رڪارڊ سيل، جاچ شروع

سجاول (رپورٽ:منظور ميمڻ) سجاول ڊي سي آفيس مان 400 کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائل جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي مبينا جعلي صحيحن سان جاري ٿيل ڊوميسائلن جو پتو پوڻ تي رڪارڊ سيل ڪري انڪوائري شروع ڪئي وئي.

رپورٽ موجب گذريل ڪجهھ عرصي دوران ڊي سي آفيس سجاول جي ڊوميسائل برانچ مان ڌارين توڙي ٻين ضلعن جي 400 کان وڌيڪ ماڻھن کي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا، جن بابت معلوم ٿيو آھي ته جاري ڪيل ڊوميسائلن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو جون جعلي صحيحون ڪيون ويون ھيون.

اھڙو انڪشاف ٿيڻ بعد ڊي سي سجاول ڊوميسائل برانچ رڪارڊ سميت سيل ڪري انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آھي.

ان ڏس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ھمير قريشي ٻڌايو ته ڪاغذن جي جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته منھنجي جعلي صحيحون ڪري ڊوميسائل جاري ڪيا ويا آھن، جنھن بعد انڪوائري شروع ڪئي وئي آھي ۽ ڊوميسائل برانچ کي رڪارڊ سميت سيل ڪيو ويو آھي.

اي ڊي سي ٽو وڌيڪ ٻڌايو ڊوميسائل برانچ جي انچارج ڪلارڪ جميل ميمڻ خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آھي، جڏھن  ته حقيقتون پڌريون ٿيڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان ڪاروائي ڪندي ڪمشنر حيدرآباد ڏانهن ليٽر اماڻي ڇڏيو آهي.

جعلي ڊوميسائل جاري ٿيڻ افسوسناڪ عمل قرار

 

سجاول واسين جعلي ڊوميسائل جاري ٿيڻ کي افسوسناڪ عمل قرار ڏئي ڇڏيو.

ان ڏس ۾ شھرين شاداب جوڻيجو، ممتاز لغاري، ممتاز ساند،  نظير لغاري، جھانزيب ميمڻ ۽ ٻين ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو آھي ته جعلي صحيحن سان ڊوميسائل جاري ڪرڻ افسوسناڪ عمل آھي انديشو آھي ته ڪيترن ئي ماڻھن کي پڻ ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا ھوندا.

ھنن مطالبو ڪيو ته شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ملوث ڪلارڪ کي نوڪري مان برطرف ڪيو وڃي ۽ جاري ٿيل سمورن ڊوميسائلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سمورا ڊوميسائل رد ڪيا وڃن.

هوڏانهن  جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز زنئور چيو آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ وارا قدم ڌارين جي آبادڪاري جي عمل جو حصو آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڌارين کي جعلي طريقي سان ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ۾ ڪرپٽ ۽ بدعنوان بيوروڪريسي جو هٿ آهي.سجاول ضلعي ۾ پڻ وڏي پئماني تي ڌارين کي ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا آهن، جنهن جي انڪوائري ڪرائي وڃي. جڏهن ته ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪندڙ اي ڊي سي 2 همير قريشي کي سيٽ تان هٽائي سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ بيوروڪريٽن جي غلط فيصلن ۽ بدعنوانين سبب سنڌ جا ماڻهو وڏين تڪليفن جي ور چڙهيل آهن عام ماڻهن کي سرڪاري آفيسن مان  ڪو رليف نه ٿو ملي  ۽ نه ئي انهن جا جائز ڪم ٿين ٿا. جنهن ڪري ماڻهو پريشانين جي ور چڙهي ويا آهن. سرڪاري آفيسر عوام جا ڪم ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ وڏيرن ۽ ڀوتارن جون ونگارون وهي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.