موري ۾ کنڀي گم ڪيل استاد جي آزادي لاءِ علامتي بک هڙتال، ريلي

مورو  ( رپورٽ: شاهنواز ڀٽي ) مورو ۾ سينئر استاد غلام رضا لغاري جي پٽ استاد جي ايم لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف سياسي سماجي، قومپرست،  استاد تنظيمن، وڪيل برادري سميت وارثن عورتن معصوم ٻارڙن جي ريلي، مورو پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال جاري. جنھن جي اڳواڻي وارث پيءُ غلام رضا لغاري، پٽ الف اڳواڻ پير مظفر حسين، اسد سولنگي، سيد نذير علي شاھ، وڪيل قادر خان ڪورائي، محمود اعواڻ، ھاشم نول، شاھنواز ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا، جتي ھنن چيو ته نوجوان غلام مرتضي لغاري استاد پيشي سان تعلق رکي ٿو، ان جو ڪنھن به سياسي پارٽي سان واسطو ناھي، ان کي ظاھر ڪري کين آزاد ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي، جيڪڏھن ھن تي ڪو ڪيس آھي ته  عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.