ميرپوربٺورو: سرڪاري اسپتال ۾ امڙ سان گڏ علاج لاءِ آيل ناري مبينا طور اغوا

ميرپوربٺورو (رپورٽ: امتياز علي سومرو) ميرپوربٺورو جي سرڪاري اسپتال ۾ پيرسن ماءُ سان گڏ علاج لاءِ آيل نوجوان ناري مبينا طور ڪار سوار نامعلوم ماڻهن پاران اغوا ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي سرڪاري اسپتال ۾ پيرسن عورت رڙيون ڪندي ڄاڻايو ته سندس ڌيءَ کي ڪار سوار اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا آهن، جنهن تي اسپتال ۾ موجود ماڻهن ڪار جو پيڇو ڪيو ليڪن ڪار تيز رفتاري سبب جاتي چوڪ روڊ طرف رواني ٿيڻ بعد غائب ٿي وئي جڏهن ته مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري جي پيرسن  ماءُ زليخان بٺوري ٿاڻي اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڌيءَ جي طبيعت خراب هئڻ ڪري کيس  علاج لاءِ سرڪاري اسپتال وٺي آيس جتي اڳ بيٺل ڪار ۾ سوار ٻه نامعلوم ماڻهو ڪار مان لهي زبردستي منهنجي نوجوان ڌي 17 سالا وزيران کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هن چيو ته سندس رڙين باوجود ڪوبه سندس ڌي کي بچائڻ لاءِ نه آيو، جڏهن ته ڪار جاتي چوڪ طرف رواني ٿي آهي، هن چيو ته تر جي بااثر جي چرچ تي سندس ڌيءَ کي اغوا ڪيو ويو آهي، هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائي ان جي حياتي بچائي وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ ميرپوربٺورو ٿاڻي جي عملدارن ٻڌايو ته پيرسن عورت مسمات زليخان جي فرياد تي سندس ناري جي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي  پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.