لاڙڪاڻي ۾ ڪتن هڪ ئي ڏينهن 22 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن وڌيڪ 22 ڄڻن  کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 20 سالن جو آصف علي، 50 سالن جو عبدالرحمٰن، 28 سالن جي خالده خاتون، 26 سالن جو نديم حسين، 50 سالن جو انور علي، 4 سالن جي سائره بيبي، 10 سالن جو راجا، 12 سالن جو عبدالرسول، 12 سالن جي شرما بيبي، 48 سالن جو عاشق علي، 30 سالن جو رياض حسين، 6 سالن جي زهره بتول بيبي، 9 سالن جو جو رحيم علي، 45 سالن جو جو نظير حسين، 15 سالن جي زويه بيبي، 15 سالن جو جو ياسر، 5 سالن جي عذره بيبي، 12 سالن جي حسينه بيبي، 16 سالن جو نعمان، 29 سالن جي صبا، 42 سالن جو نظير حسين ۽ 52 سالن جو محمد اسماعيل شامل آهن، ڪتي جي ڏاڙهيل سمورن زخمين کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر جي مختلف پاڙن ۽ ڀروارن علائقن سان آهي جن کي بروقت ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.