ڊگهي عرصي کانپوءِ موٽرولا جا ”جي“ سيريز جا فونز پيش

ملٽي نيشنل آمريڪي ڪمپني موٽرولا خاموشي سان ”جي“ سيريز جا ٻه فونز متعارف ڪرائي ڇڏيا، انهن کي ڪمپني جي هلندڙ سال جا سستا ۽ معياري فونز قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ موجب موٽرولا جلد ئي وڌيڪ ٻه فونز پيش ڪندو، جڏهن ته ڪمپني هاڻي ”موٽو جي 53“ ۽ ”موٽو جي 73“ کي پيش ڪيو آهي.

موٽو جي 73

ڪمپني ان موبائيل کي 5-6 انچ اسڪرين ۾ اينڊرائيڊ 13 جي آپريٽنگ سسٽم سان پيش ڪيو آهي. فون ۾ ميڊيا ٽيڪ ڊيمنسٽي 930 جي چپ ۽ ڊيمنسٽي 920 جو سي پي يو ڏنو ويو آهي.

فون کي هڪ ئي ماڊيول يعني 8 جي بي ريم 256 جي بي اسٽوريج سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.

موٽو جي 73 جي بيڪ تي ٻه ڪيمرا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جو آهي جڏهن ته ٻيو 8 ميگا پڪسل جو ڏنو ويو آهي.

فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل جو سيلفي ڪيمرا ڏنو ويو آهي ۽ فون ۾ فائيو جي سپورٽ جو فيچر به آهي.

پنج هزار ايم اي ايچ بيٽري جي حامل فونز ۾ 33 واٽ جو فاسٽ چارجر ڏنو ويو آهي.

ڪمپني فوري اگهن جو اعلان ناهي ڪيو جڏهن ته ان جو اگهه پاڪستاني 65 هزار رپين تائين ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ان فون کي ڪمپني فوري طور تي رڳو يورپ ۾ پيش ڪيو آهي، جڏهن ته جلد ئي ان کي پاڪستان سميت ايشيا جي بين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.

موٽو جي 53

ڪمپني ان فون کي به 5-6 انچ اسڪرين ۽ فائيو جي سپورٽ سان گڏ پيش ڪيو آهي.

موٽو جي 53 کي مختلف يعني 4،6 ۽ 8 جي بي ريم جي ماڊيول ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح مختلف ميموريز ماڊيولز ۾ به متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان فون ۾ به 5 هزار ايم اي ايچ بيٽري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان ۾ 18 واٽ جو چارجر به آهي.

هن فون جي بيڪ تي به ٻه ڪيمرا آهن، جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻيو 8 ميگا پڪسل جو آهي.

موٽو جي 53 جي فرنٽ تي به 16 ميگا پڪسل جو ڪيمرا آهي ۽ ان کي به اينڊرائيڊ 13 جي آپريٽنگ سسٽم ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

ان فون جو اگهه ماڊيولز جي حساب سان مختلف رکيو ويو آهي ۽ ان جي گهٽ جي بي ماڊيول جو اگهه 39 هزار رپيا آهن جڏهن ته 8 جي بي ماڊيول جو اگهه 65 هزار رپين تائين هجڻ جي اميد آهي.

ان فون کي به ڪمپني شروعاتي طور تي رڳو يورپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته امڪان آهي ته ان کي به جلد پاڪستان سميت ٻين ايشيائي ملڪن ۾ پيش ڪيو يوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.