وزيراعظم ۽ خواجا سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊر خلاف اپيل رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊر خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ رياض حنيف راهي طرفان وزيراعظم ۽ وفاقي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گذريل حڪومتي دور ۾ شهباز شريف نيب حراست دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو، پارليامينٽ اهڙا رولز نٿي ٺاهي سگهي، جيڪي ڪنهن ٻئي قانون جي خلاف هجن، جن خلاف جاچ ٿيندي آهي، اهي پروڊڪشن آرڊر تي پارليامينٽ ايندا آهن.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته شهباز شريف ۽ خواجا سعد رفيق کي توهان ڌر ڪيئن ٿا بڻائي سگهو؟ توهان جي دعويٰ جو حق نٿو ٺهي.

پوءِ عدالت اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار نه ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.