پوليس جي رائونتي جي ڪچي ۾ ڪارروائي، 16 ڌاڙيل مارجي ويا

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ ) گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جي واردتن جي روڪٿام لاءِ پوليس جي ڪارروائي ۾ 16 ڌاڙيل مارجي ويا آهن.

ڊي پي او اختر فاروق موجب رائونتي جي ڪچي ۾ ڪارروائي دوران 16 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي جڏهن ته سنڌ پنجاب چيڪ پوسٽ تي 66 ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ويو آهي.

ٻئي پاسي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ سرڪار پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري کان پوليس لاءِ جديد هٿيار خريدڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي.

هٿيارن ۾ ڊرون، بڪتربند ۽ فائر پاور وارا هٿيار خريد ڪيا ويندا ، انکانسواءِ سنڌ پوليس اوڀر يورپ جي مُلڪ آرمينا کان به جديد رائفلز ۽ اونداهي ۾ ڪارائتي جديد دوربين ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول وهيڪلز جي به خريداري ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.