وزير اعظم جي بجلي بريڪ ڊائون تي قوم کان معذرت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي قوم کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته گذريل ڏينهن تي ٿيل بجلي بريڪ ڊائون سبب شهرين کي پهچندڙ تڪليفن تي حڪومت پاران  معذرت ڪيان ٿو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته منهنجي حڪم تي بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ جاري آهي، ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.