سرحد لڳ سماجي شخصيت پاران صحافين کي آجياڻو، مچ ڪچهري

سرحد (  ن ع آ ) جهانپور شريف جي سماجي شخصيت ۽ اسٽيپس آرگنائيزيشن جي چيئرمين سيد صدر الدين شاهه، بخاري، سيد رُڪن الدين شاهه بخاري، سماجي اڳواڻ سيد شفقت بخاري ۽ ٻين پاران سرحد پريس ڪلب سرحد جي نئي چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو ۽ مچ ڪچهري پڻ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ صحافين حاڪم خان ابڙو، راڻا راحت حسين، عبدالحميد ابڙو، عبدالحئي ساوند، عطاحسين سومرو، بابر مهر، اعجازڀٽي، اعجاز دايو، عابد ميمڻ، اشوڪ ڪمار، مسعود ميمڻ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سرحد پريس ڪلب سرحد جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون پڻ ڏنيون ويون، تقريب کي خطاب ڪندي اسٽيپس آرگنائيزيشن جي چيئرمين ۽ سماجي اڳواڻ سيد صدر الدين شاهه بخاري جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت علائقي جي بي پُهچ ماڻهن جي سهائتا ڪندا آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.