جيڪب آباد لڳ رڪشا ڪلٽي، پورهيت فوت

جيڪب آباد (ڊر ) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي الفاروق هوٽل وٽ لوڊر رڪشو ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي علائقي محبت شاخ واسي 20 ورهين جو پورهيت هزار خان مير جت فوت ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پورهيت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، اطلاع تي وارث به اسپتال پهتا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان سبزي منڊي جيڪب آباد کان لوڊر رڪشي تي منڊي کان سبزي کڻي محبت شاخ وڃي رهيو هو ته باءِ پاس تي رڪشو ڪلٽي ٿي پيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.