جاتي ۾ سستي اٽي جو اسٽال نه لڳڻ خلاف احتجاج جاري، بک هڙتال

جاتي(ن ع آ)سستي اٽي جو اسٽال نه لڳڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي واپارين پاران عمل نه ڪرڻ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جاتي جي سڏ تي ٽي ڏينهن به پورهيتن عادل لغاري،عبدالڪريم ميربحر،ڪاشف يوسف ٿهيم جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس جي گيٽ تي علامتي بک هڙتال ڪري سخت نعريبازي ڪئي انهئَ موقعي تي اڳواڻن بک هڙتال کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جاتي ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳائي نه سگهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي انتظاميان عمل نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري غريب پورهيتن کي سستو اٽو نٿو ملي ۽ غريب پورهيت سستو اٽو نه ملڻ سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، هنن چيو سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميان جي نااهلي سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي دڪاندارن کي عمل نه پئي ڪرائي سگهي نه ئي سستي اٽي جو اسٽال قائم ڪري سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جاتي ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳاءِ دڪاندارن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق 65 روپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ تي بابند بڻايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.