سکر پوليس همراهه کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

سکر ( رپورٽر ) سکر جي شهيد عبدالمالڪ ڪمانگر ٿاڻي (اي سيڪشن) جي حد پيپلز هاڪي گرائونڊ لڳ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا آھن، جڏهن سندس ساٿي فرار ٿي ويا زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ ڄام چاچڙ نالي ڌاڙيل سان ٿي آھي، جيڪو موٽر سائيڪلون ڦر، پوليس مقابلن سميت ٻين سنگين وارداتن ۾ سکر پوليس کي گهربل هو، گرفتار ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ ٻين ضلعن کان به گهرايو ويندو ، زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو آھي وڌيڪ جاچ جاري آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.