برازيل ۽ ارجنٽينا جو ڊالر مان ڇوٽڪاري لاءِ گڏيل ڪرنسي آڻڻ تي غور

بيونس آئرس (م ڊ) برازيل ۽ ارجنٽينا وسيع معاشي انضمام جي منصوبابندي ڪري ڇڏي، جنهن ۾ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪرنسي جو معاملو به غور هيٺ آهي.اها ڳالهه برازيلي صدر لولا ڊا سلو ۽ سندس ارجنٽائن هم منصب البرٽو فرنينڊس  هڪ ويب سائٽ لاءِ لکيل گڏيل مضمون ۾ چئي.مضمون موجب اسان پنهنجي ڏي وٺ ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ  ۽ مقامي ڪرنسي جي استعمال جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ ان جي استعمال  کي وڌيڪ آسان ۽ جديد بڻائڻ چاهيون ٿا. ٻنهي ڄڻن جي گڏيل مضمون ۾ چيو ويو ته اسان ڏکڻ آمريڪا جي گڏيل ڪرنسي تي وڌيڪ غور ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو آهي، جيڪو مالياتي ۽ ڪمرشل ٽرانزيڪشنز  ۾ استعمال ٿي سگهي، اهڙي طرح اسان جي خرچ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ پرڏيهه تي ڀاڙڻو گهٽجندو.برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز موجب ٻئي پاڙيسري ملڪ هلندڙ هفتي گڏيل ڪرنسي جي تياري جي آغاز جو اعلان ڪندا.هلندڙ هفتي ارجنٽينا جي گادي واري شهر بيونس آئرس ۾ هڪ سمٽ  دوران نئين  ڪرنسي تخليق ڪرڻ جو جائزو ورتو ويندو، جنهن لاءِ برازيل ”سر“ جو نالو تجويز ڪيو آهي.فنانشل ٽائمز جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٻئي ملڪ نئين ڪرنسيءَ جي ذريعي آمريڪي ڊالر تي گهٽ ڀاڙڻ ۽ پنهنجي علائقائي واپار کي وڌائڻ چاهيون ٿا.ارجنٽينا ۽ برازيل نئين ڪرنسي بابت 2019ع ۾ ڳالهيون ڪيون هيون پر ان وقت برازيل جي مک بئنڪ ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو هو.چيو وڃي ٿو ته ان ٻطرفي منصوبابندي ۾ لاطيني آمريڪا جي ٻين ملڪن کي بعد ۾ شامل ڪري وسعت ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.