لاڙڪاڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل ٿي وئي.رپورٽ موجب رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر پاڙي ۾ مبينا طور گهرو اڻبڻت تان زال مڙس ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ پنجن ٻارن جي ماءُ صبيحه زال فياض قادري تيز ڌار وارو اوزار لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي عورت دم ڏئي ڇڏيو.پوسٽ مارٽم بعد عورت جو لاش وارث گهر کڻائي ويا.مبينا قتل ٿيل عورت جي چاچي احسان الله جوکيو ٻڌايو ته گذريل مهيني منهنجو ڀاءُ اسدالله جوکيو فوت ٿيو، جنهن جي فوتگي تي سندس ڌيءُ صبيحه قادري پنهنجي والدين جي گهر آيل هئي، جتي هوءَ هفتو يا 10 ڏينهن رهي، ان دوران ڀائيٽيءَ پنهنجي مڙس کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي پيءٌ جي چاليهي کان پوءِ ساهري ايندي پر ان جي باوجود سندس مڙس فياض ۽ ڏير زبردستي کيس گهر وٺي ويا. هن الزام لڳايو ته اهڙي معاملي کان پوءِ ڀائيٽي صبيحه کي سندس مڙس فياض علي پنهنجي ڀائرن مشتاق ۽ امتياز سان گڏجي تشدد جو نشانو بڻايو.هن چيو ته  مڙس هن جي ڀائيٽيءَ سان جهيڙو ڪري کيس تيز ڌار اوزار جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هن الزام هنيو ته ڀائيٽي کي قتل ڪرڻ بعد سندس ساهرا واقعي کي غلط رنگ ڏئي رهيا آهن. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀائيٽي جي قتل ۾ ملوث سندس مڙس ۽ ڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته فريادي ڌر جو گهر عورت جي گهر کان ٿوري مفاصلي تي آهي، واقعي بعد جاءِ واردات تان ڇري هٿ ڪئي وئي ۽ پوسٽ مارٽم بعد واقعي جي مختلف رخن کان جاچ هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.