مٽياري ۾اٽو نه ملڻ سبب سوين مردن ۽ عورتن جو قومي شاھراھ تي ڌرڻو

مٽياري/اڏيرولال (نمائندا)مٽياري ۾ سستو اٽو اڻ لڀ، حڪومتي اعلان اڌورا رھجي ويا، اٽو نه ملڻ سبب شھري روڊن تي نڪري آيا، سوين مردن ۽ عورتن ڌرڻو ھڻي قومي شاھراھ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب سکر ۽ ڪراچي ويندڙ سوين گاڏيون بيھي ويون، مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.مظاھرين جو چوڻ ھو ته حڪومت اٽي جو اگهه 98 رپيا ڪري ظلم ڪري ڇڏيو، ھڪ برساتن ۾ الهھ تلھ ٻڏي ويو، فصل تباھ ٿي ويا، سرڪاري امداد تي زندگي گذاري رھيا ھئاسين ته مٿان وري حڪومت اٽو مھانگو ڪري ٻچن جي روزي بند ڪري ڇڏي.هنن چيو ته سرڪاري اٽو انتظاميا جي ملي ڀڳت سان دڪانن تي وڪرو پيو ٿئي،ساڳيو اٽو دڪانن تان 140 رپين تي خريد ڪرڻ تي مجبور آھيون، انتظاميا پنھنجي اعلانن تي به عمل ڪرڻ کان قاصر آهي ته پوءِ اھڙي انتظاميا جو ڪھڙو فائدو. جنھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عديل سوهو جي اڳواڻي ۾ڊي ايس پي مٽياري پير الھرکيو قريشي ۽ مختيارڪار مٽياري مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو.هوڏانهن اڏيرو لال اسٽيشن ۾ به سستو اٽو ناياب ٿي ويو، سستي اٽي جا اسٽال نه لڳڻ خلاف شهر جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، روڊ بلاڪ ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.