مڪي شريف ۾ 30 نوان جديد محلا اڏجڻ لڳا

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ مڪه مڪرمه ۽ مشاعر مقدسه (منيٰ، مزدلفه، عرفات) رائل ڪميشن جي ايگزيڪٽو چيئرمين انجنيئر صالح الرشيد چيو آهي ته ڪميشن مڪه جي 30 کان وڌيڪ نون محلن تي ڪم ڪري رهيو آهي، کين جديد شڪل ڏني ويندي.

هن چيو ته نون محلن جي پنهنجي ڌار سڃاڻ هوندو، اهي مسجد الحرام جي ٻي واڌ، مڪه جي روايتي اڏاوتي طرز ۽ مڪه جي جبلن ۽ ماٿرين جي شڪل صورت جا نمائنده محلا هوندا.

هن چيو ته رائل ڪميشن ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن انهن ۾ سرڪلر روڊز به آهن، چوٿون سرڪلر روڊ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.