سڄي دنيا ۾ ٻارن جي پسند ۽ والدين جي شادي کان انڪار به آپگهات جي واقعن ۾ واڌ جو وڏو سبب آهي.
اهڙو ئي هڪ واقعو ڀارتي شهر گجرات ۾ پيش آيو جتي آپگهات جي واقعي کانپوءِ جوڙي جي والدين هڪ انوکو فيصلو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل سال گجرات جي ضلعي تاپي جي هڪ ڪٽنب ۾ شادي لاءِ گهرڀاتين جي مخالفت کانپوءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو هو.
ٻارن جي آپگهات بعد والدين کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ پنهنجو ڏُک گهٽائڻ لاءِ هُنن ٻارن جي آپگهات هڪ سال کانپوءِ سندن مجسما ٺاهي انهن جي شادي ڪرائي ڇڏي.
رپورٽن موجب ان انوکي شادي جي وڊيو به شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ پنڊت کي جوڙي جي عروسي مجسمن جي شادي ڪرائيندي ڏسي سگهجي ٿو.