ايپل جا نوان آءِ فون 15 سيريز جا فون سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ متعارف ڪرايا ويندا پر ان بابت تفصيل اڃا تائين سامهون ناهن آيا.
هن سال ايپل پاران آءِ فون 15 سيريز ۾ ڪجهه غيرامڪاني تبديليون ٿيڻ جو امڪان آهي جيئن ڊيزائن جي لحاظ سان اهو اينڊرائڊ ڊيوائسز سان ملندڙ جلندڙ نظر اچي.
هڪ رپورٽ موجب آءِ فون 15 پروميڪس ۾ اينڊرائنڊ فونز جهڙا خم ايجز جا ڊيزائن ڏنا ويندا جڏهن ته ڪنارن جي پٽي يا بيزل کي گهٽ ڪيو ويندو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڊسپلي سائز جي حساب سان آءِ فون 15 سيريز گذريل سال جي آءِ فون 14 سيريز جهڙا هوندا جڏهن ته آءِ فون 15 پروميڪس ڊيزائن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت هوندو.
هن سال آءِ فون 15 ۾ به ڊائنامڪ آءِ لينڊ ڊيزائن جو جي واڌ ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته گذريل سال رڳو آءِ فون 14 پروماڊلز ۾ ڏنو ويو هو.
هن سال جي پروماڊلز ۾ بٽڻ نه هوندو پر واليوم ۽ پاور بٽڻ کي ڊيوائيس جي اندر وڌو ويندو.
ان لاءِ آءِ فون 15 پرو ۽ 15 پروميڪس پهريان فون ٿيندا جن ۾ يو ايس بي پورٽ چارجنگ لاءِ ڏئي سگهجن ٿا.
هڪ ٻي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن سال آءِ فون 15 پروميڪس ۾ پيري اسڪوپ زوم ڪيمرا به ڏيڻ جو امڪان آهي.