مشرف جي لڳايل باهه سان بلوچستان سڙي رهيو آهي: مالڪ بلوچ

تربت(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته 2023ع جي اليڪشن ۾ ٺپاماري جون ڪوششون ڪيون ويون ته عوام جبل وانگر انهن آڏو رڪاوٽ بڻجندو، عوام جو رستو نٿو روڪي سگهجي، سياسي مسافرن کي منزل نه ملندي، بلوچستان ۾ ڊڪٽيٽر پاران شروع ڪيل جنگ جو آخري ۽ واحد حل سياسي ڳالهيون آهن، اهڙو اظهار هن نيشنل پارٽي آپسر جي اهتمام هيٺ ڪهده يوسف محلي آپسر ۾ ڪهده دائود بلوچ جي رهائش گاهه تي منعقد ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته مشرف جي لڳايل باهه سان بلوچستان سڙي رهيو آهي،هزارين نوجوان ان جنگ ۾ شهيد ٿي ويا آهن، هن چيو ته ٽرالنگ سمنڊ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، بارڊر تي ٽوڪن سسٽم ماڻهن کي برباد ڪري رکيو آهي، اهي ڪروڙين اربين رپيا ڪنهن جي کيسن ۾ وڃي رهيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.