جهوڪ شريف (رپورٽ محبوب علي جلالاڻي) شاھمراد شگر مل ۽ ڊسٽرلي پلانٽ مان جبري طور تي مقامي ماڻھن جي برطرفي خلاف جھوڪ شريف جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن منير زئور، خيرو ڀنڊ، گانور چانڊيو ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته شاھمراد شگر مل ۽ ڊسٽرلي پلانٽ انتظاميا پنھنجي ھٺ ڌرمي تي قائم رھندي ڪيترا ئي مقامي ماڻھو بيرزگار ڪري ڇڏيا آھن جنھن ڪري سوين مزدورن جي گھرن م فاقاڪشي واري صورتحال آھي. ھنن مل انتظاميا کي ھڪ ھفتي جو الٽيميٽم ڏيندي چتاءُ ڏنو آھي ته ھفتي اندر مقامي ماڻھن جا گيٽ کولي کين نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت م مل انتظاميا خلاف ڌرڻو ھنيو ويندو