ڏوھارين گھر تي حملي ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: شازيا شر

شاھپور چاڪر (ن ع آ) ڪلب شاهپور چاڪر ۾ 14 ورھين جي نينگري شازيا شر، سندس ماءُ سجل ۽ پيءُ طالب حسين شر سان گڏ پريس  ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته امام بخش شر ۽ ابراھيم شر ڏوھاري ماڻھو اسان جي گھر تي موڪليا جيڪي مون کي اغوا ڪرڻ آيا اسان جي رڙين تي فرار ٿي ويا، انھيءَ موقع تي شازيا شر جي امڙ سجل شر ۽ پيءُ طالب شر صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان کي ۽ نياڻي شازيا جي حياتي خطري ۾ آھي، اسان پنھنجي نياڻي جو مڱڻو صادق آباد ۾ پنھنجي ويجھن عزيزن سان رضا خوشيءَ سان ڪيو آهي، جنھن ۾ وڏا ڦڏائي ڏوھاري عبدالر شيد شر، نورحسن شر، حسين بخش عرف جاويد شر، اسان جي گھرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اھي ڏوھاري ماڻھو آھن جن تي قتل، ڦرن ۽ ٻين سنگين ڏوھن جهڙا ڪيس سانگھڙ، نواب شاھه ۽ ھالا جي ٿاڻي تي داخل آھن. هنن چيو ته سندن جان خطري ۾ آھي انھن جوابدارن جي خلاف شاھپورچاڪر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين. پوليس اسان کان اين سي داخل ڪرائي پر ڪنھن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آھي. ھنن لاڳاپيل اختيارين کي مدد جي اپيل ڪئي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.