نوابشاهه ۾ ڀيڻويي سالي مٿان تيراب هاري ڇڏيو، 2 ڄڻا زخمي

نوابشاهه( ڊ ر ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مُک ڪاروباري مرڪز ڪپڙا مارڪيٽ ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ڀيڻيوي شوڪت شاهه پنهنجي سالي شيراز شاهه جي چهري تي تيزاب هاري فرار ٿي ويو جنهن سبب شيراز جي هڪ  اک جو پردو متاثر ٿي پيو ،جڏهن ته شيراز شاهه سان گڏ دوست سجاد شاهه پڻ زخمي ٿي پيو زخمين کي شهرين پي ايم يو اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو جتي زخمي شيراز شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀيڻيو شيراز شاهه شراب جو نشو ڪندو آهي ۽ منهنجي ڀيڻ تي تشدد ڪندو آهي هن چيو ته شوڪت شاهه اسان جي گهر مٿان هوائي فائرنگ پڻ ڪندو رهندو آهي مان پنهنجي ڀيڻ کي واپس پنهنجي گهر موڪلي هُن جي زندگي برباد نه ڪنداسين ٻئي طرف پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا پڻ هڻي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.