شرجيل ميمڻ کي دل جو دورو، 2 اسٽنٽ وڌا ويا

حيدرآباد (رپورٽر)سنڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو.شرجيل ميمڻ کي دل ۾ تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.اسپتال ذريعن موجب شرجيل ميمڻ جو طبي معائنو ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته کيس دل جو دورو پيو آهي.ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ جي دل جون ٻه شريانيون بند هيون، انجيوگرافي بعد انجيو پلاسٽي ڪئي وئي، هاڻي سندس طبيعت بهتر آهي، کيس 25 ڪلاڪن بعد گهر منتقل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.