نواز شريف کي (ن) ليگ قيادت جون آڊيو ۽ وڊيو منظر تي آڻڻ جي ڌمڪي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽  اڄ ڪلهه شيخ رشيد جي جاءِ تي اسٽيبلشمينٽ جو ترجمان بڻيل فيصل واوڊا هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نواز شريف کي اڻ سڌي طرح ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن عمران پراجيڪٽ جي ڪردارن  کي عوام آڏو تنقيد جو نشانو بڻايو  ويو ته پوءِ ان جو جواب به ايندو.

فيصل واوڊا موجب جنرل (ر)  فيض حميد وٽ صرف پي ٽي آءِ وارن جون نه پر (ن)  ليگ اڳواڻن جون آڊيو ۽ وڊيوز به موجود آهن، جيڪي منظر تي اچي سگهن ٿيون.

ياد رهي ته لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو هو ته هن گجرانوالا جلسي ۾ انهن ڪردارن جي نشاندهي ڪئي هئي جن  عمران پرانجيڪٽ کي ملڪ تي مسلط ڪيو نتيجي طور ملڪ  معاشي طور اڄ  ڪنگال ٿي چڪو آهي، ملڪ  کي هن ڳنڀير صورتحال جو شڪار ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو.

نامياري صحافي موجب  نواز شريف جي ان بيان کانپوءِ فيصل واوڊا جو ميڊيا تي اچي آڊيو وڊيوز جو  انڪشاف ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته نواز شريف کي اڻ سڌي ڌمڪي آهي ته هن عمران پراجڪٽ جي ڪردارن  کي نشانو بڻايو ته پوءِ (ن)  ليگ وارن جون آڊيو ۽ وڊيو به منظر تي اچي وينديون. جيڪي جنرل (ر)  فيض حميد  وٽ موجود آهن.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ان اڻ سڌي  ڌمڪيءَ جو (ن) ليگ قيادت يا نواز شريف ڪيترو اثر وٺن ٿا يا دٻاءَ  ۾ اچن ٿا.

نوٽ: معظم فخرجو هي تجزيو روزاني عوامي آواز آچر 23-01-22 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.