سڪرنڊ ڀرسان تاريخي ماڳ چانهيون جي دڙي جي ٻيهر کوٽائي

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان تاريخي ماڳ چانهيون جي دڙي جي اٺون دفعو کوٽائي لاءِ فرانسيسي آرڪيالاجي ماهرن جي ٽيم آرڪيالاجسٽ ماهر ڊاڪٽر اروڙا ديدر ، ڊيوڊ پاسڪل جي سربراهي ۾ فرانس کان سڪرنڊ ڀرسان چانهون  جي دڙي تي پهچي وئي آهي، آرڪيالاجسٽ سڪرنڊ ڀرسان قديمي ماڳ جي ٻيهر کوٽائي سميت تحقيق جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، چانهون جي دڙي جي پهريون دفعو کوٽائي آمريڪي ماهرن 1935 ع ۾ آرڪيالاجسٽ ميڪي پاران ڪئي وئي هئي، تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي تي ريسرچ سينٽر ۽ ميوزم جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ميوزم چانهون جي دڙي جي کوٽائي دوران مليل موتي ، سپيون، ٿانو ، ٺڪر سميت ٻيا مختلف اوزار رکيا ويندا، جڏهن ته چانهيون ڪلچر ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن جا ميمبر پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سنڌ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ، محمد صالح لطيفي ،  تاريخدان ۽ اديب ماڻڪ ملاح آهن جيڪي چانهون جي حوالي سان مختلف پروگرام ترتيب ڏيندا ان حوالي سان محمد صالح لطيفي ۽ ماڻڪ ملاح چيو ته هن سال چانهون جي دڙي تي سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي جي سهڪار سان هڪ تاريخي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ تاريخي ميوزم ۽ ريسرچ سينٽر جو پڻ افتتاح وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کان ڪرايو ويندو ۽ چانهون جي تاريخي ماڳ کي چوديواري  ڏياري وڃي ته جيئن سنڌو ماٿر جي قديمي آثار کي ميسارجڻ کان بچائي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.