ڀارت ۾ لائوڊ اسپيڪر تي آذان ڏيڻ تان 7 مسجدن تي ڏنڊ

هريودار ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست اترا کنڊ جي شهر هريدوار ۾ مقامي انتظاميا لائوڊ اسپيڪر تي تيز آواز ۾ آذان ڏيڻ جو الزام هيٺ 7 مسجدن تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو .

ڀارتي رياست اتراکنڊ جي هاءِ ڪورٽ پاران سخت شرطن تحت مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر لڳائڻ جي اجازت ڏنل آهي پر انتهاپسند هندو انتظاميا سڄي مُلڪ ۾ نفرت ۽ چڙڏيارڻ لاءِ آئي ڏينهن اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سبب  ڀارتي مسلمانن انتهائي ٻڏتر واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.

تازو ئي هريدوار جي مقامي انتظاميا شهر جي ستن مسجدن تي اِهو الزام مڙهي ڏنڊ هنيو آهي ته ڄاڻايل مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال طئي ٿيل معيار کان وڌيڪ آهي.

انتظاميا موجب لائوڊ اسپيڪر بابت ظابطن جي ڀڃڪڙي تي ستن مسجدن کي شوڪاز نوٽسز جاري ڪيا ويا آهن پر انهن مسجدن غيرتسلي بخش جواب ڏنا، جنهن بعد انهن تي پنج، پنج هزار رُپيا ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.