شاگردياڻي تي تشدد، فنڪار به ڪاوڙجي پيا، سخت ردعمل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي نجي اسڪول ۾ نشي جي عادي ڇوڪرين طرفان ساٿي شاگردياڻي تي تشدد جي واقعي تي شوبز شخصيتون به چُپ نه رهيون.

واقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن تي شوبز شخصيتن طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي.

اداڪار احمد علي بٽ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي جو ذميوار والدين ۽ اسڪول انتظاميا کي قرار ڏيان ٿو، جن کي اندازو ناهي ته ٻار اسڪول ۽ نجي زندگي ۾ ڇا ڪري رهيا آهن، واقعي سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا ۽ منشيات ڪيئن اسان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

اداڪارا يشما گل به واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ائين تنگ ڪرڻ، ڇوڪري کي مارڻ ۽  وڊيو ٺاهڻ ڪنهن به لحاظ سان سٺو ناهي.

اداڪارا ميرب علي چيو ته اها ڪِريل حرڪت آهي، اميد ته متاثر ڇوڪري کي انصاف ملندو ۽ اها پيئرن جون شهزاديون جيل ۾ وقت گذارينديون.

اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر پڻ لاهور جي علائقي ڊفينس جي نجي اسڪول ۾ شاگردياڻي تي تشدد جي واقعي جي مذمت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.