راءِ پور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ٻي ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي اٺ وڪيٽن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
راءِ پور جي شهيد وير نارائڻ سنگهه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 34.3 اوورن ۾ 108 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪو به ڪيوي بيٽر گهڻي دير تائين ڀارتي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽن ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو جڏهن ته نيوزيلينڊ جا اٺ رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا .
ڪيوي ٽيم طرفان گلين فِلپس 36 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته مچل سينٽنر 27 ۽ بريسويل 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ڀارت جي محمد شامي ٽي، هاردڪ پانڊيا ۽ واشنگٽن سُندر ٻه، ٻه جڏهن ته محمد سراج، شردل ٺاڪر ۽ ڪُلديپ ياديو هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
نيوزيلينڊ جي 109 رنسن جو هدف ڀارتي ٽيم 20.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
ڪپتان روهت شرما ٻن ڇڪن ۽ ست چوڪن جي مدد سان 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيوجڏهن ته ورات ڪوهلي يارنهن رنسن تي مچل سنٽنر جو شڪار بڻيو.
شُڀمَن گِل 40 ۽ اِيشان ڪِيشن 11 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
نيوزيلينڊ جي هينري شيپلي ۽ مچل سينٽنر هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.