سنڌي عوام کي منظم ڪندڙ رسول بخش پليجو کي ڀيٽا

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي جي 93 ھين سالگرا جي موقعي تي عوامي تحريڪ حيدرآباد، ملير، ٺٽي، لاڙڪاڻي، ڪي اين شاھ، مٺي، ننگرپارڪر، وارھ، گولاڙچي، ميھڙ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الھيار، جھڏو، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، نواب شاھ، سانگھڙ سميت مختلف هنڌن تي سالگرھ تقريبون منعقد ڪري کيس ڀيٽا ڏني. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پڻ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.ان موقعي تي نامور صحافي مجاهد بريلوي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، شمس ڪيريو، ضياءُ قريشي، اسد ممتاز رڏ، ذوالفقار واهوچو، لياقت علي ۽ ٻين ڪيڪ ڪٽي رسول بخش پليجي کي خراج تحسين پيش ڪيو.عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري ۽ گھنور زئئور جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي سوين ڪارڪنن رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاھ تي گلن جي چادر چاڙھي کيس سلامي ڏني ۽ پوءِ ٺٽو پريس ڪلب ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. گولاڙچي ۾ ڌارين کي نيڪالي ڏيو ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪريو جي عنوان سان مچ ڪچھري ڪري سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جتي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو ھائوس تي سالگرھ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، عوامي علمي ادبي فورم جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ادريس لغاري،  منير چانڊيو، صحافي اسحاق مڱريو، راشد لغاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسنھ راھوجو، ڪائنات ھاليپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽي تقريب منعقد ڪئي وئي جتي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. سجاول ۾ سالگرھ تقريب کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ پرويز ميمڻ، ڪامريڊ بچل ملاح، محمد ڏيٿو، مير ٽڳڙ، عثمان ٿهيم، اسماعيل گگهڙ، نواز ڏيٿو، عمر ڏيٿو، درياخان زئور، رزاق ٻائيتار، مرتضيٰ ساگر پرهياڙ، عمر ڏيٿو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو۔ وارھ ۾ سالگرھ تقريب کي ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، عرفان منان، منظور مارفاڻي، نظير ڇٽو، غفار ميرجت، وحيد چانڊيو، علي گل چانڊيو، ڊاڪٽر نوريز، جاويه چنه، نجيب چانڊو، وقار چولياڻي، حميد باغي، ڪامريڊ برڪت ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. نوابشاھ جي سالگرھ تقريب ۾ عوامي تحريڪ ضلعي صدر امير علي مغيري، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اميتاز ڏاھري، ھوش محمد رند، محمد اسلم کوسو، ايڊووڪيٽ مظهر ڏاھري، محمد ابراهيم کوسو، علي نواز ڏاھري، عمر ڏاھري، خليل احمد بروهي، معشوق علي کوسو، ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. عوامي تحريڪ تعلقي جھڏو پاران ڪرم ھائوس تي محترم رسول بخش پليجي صاحب جي سالگرھ ملھائي ويئي جنھن م عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اشرف، رند ڪرم ڪلوئي، ايڊوڪيٽ اياز ڪلوئي، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ عظمت ڪلوئي، سنڌو ڪلوئي، نوربانو کوسو، انيتا کوسو، سهائي ڪلوئي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ممتاز جوڻيجو، محمود ڀنڀرو، قربان ڪلوئي، اسماعيل پتافي، منظور ڪلوئي، سارنگ سنڌي، سميت ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.سالگرھ تقريبن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي سنڌي عوام کي جدوجھد جا نوان گس ۽ رستا ڏسيا. ھن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، زمينن تي قبضن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف زبردست جدوجھد جي اڳواڻي ڪئي. سنڌ جي وجود، وسيلن ۽ زمينن کي قبضاگيرن کان بچائڻ لاءِ ٿيندڙ جدوجھدن ۾ پورھيت طبقي جي عورتن کي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ھن اتساھيو، ھو سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ ھمت ۽ حوصلو بڻيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.