(ن) ليگ 7 ۽ پ پ جا 3 ايم اين اي پارٽي ڇڏڻ لاءِ تيار

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لنڊن ۾ نواز شريف سان ٿيندڙ ملاقات ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله  کيس ٻڌايو آهي ته (ن) ليگ جا 7  پ پ جا 3 ۽  جي يو آءِ جو هڪ ايم اين اي پارٽي تبديل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ سميت مختلف پارٽين سان رابطن ۾ آهن.

نامياري صحافي موجب راڻا ثناءُ الله پنجاب اسيمبليءَ ۾ پرويز الاهي جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري موقعي تي اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه ڪردارن بابت به نواز شريف کي ڄاڻ ڏني ۽ ڳجهين ايجنسين جي رپورٽن کان به کيس آگاهه ڪيو.

نواز شريف مڪمل ڄاڻ وٺڻ بعد اسٽيبلشمينٽ سان معاملا واضح ڪرڻ جي ذميواري راڻا ثناءُ الله کي ڏني ان بعد پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان تنظيمي معاملن تي الڳ الڳ اجلاس ڪيا آهن ۽ فيصلا پڻ ڪيا ويا آهن جن جو باضابطا اعلان نه ڪيو ويو آهي.

نوٽ: معظم فخر جوجو هي تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23-01-21 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.