عمران خان جو جمهوري پارلياماني سياست سان واسطو ناهي رهيو:عرفان صديقي

اسلام آباد (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته عمران خان پاڪستان کي بدترين معاشي بحران، تاريخ جي شديد ترين مهانگائي، چئن سالن ۾ 70 سالن جي برابر قرض وٺڻ ۽ پاڪستاني روپئي جي قدر ۽ قيمت کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي نااهلي ۽ بدانتظامي سبب پيدا ٿيل معاشي تباهي جو ملبو پي ڊي ايم تي وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جو جمهوري پارلياماني سياست سان ڪوبه واسطو ناهي رهيو، هو ٽي ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ ٽئي ڀيرا مستعفي ٿيڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، هو صرف ڪنٽينر، جلسن ۽ جلوسن، لانگ مارچن ۽ ڌرڻن کي سياست سمجهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.