اتحادي حڪومت ملڪي ساک بحال ڪئي: قمر زمان ڪائره

لاهور (م ڊ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اتحادي حڪومت ملڪي ساک کي بحال ڪيو آهي، عمران خان آئين کان هٽي ملڪ کي هلايو، سي پيڪ جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو، عمران خان جي غلط پاليسين عيوض ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيو. اهڙو اظهار هن ڪالهه راءِ ونڊ لاهور ۾ پيپلزپارٽي ۾ نون ڪارڪنن جي شموليت جي سلسلي ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي راڻا دلشاد صفدر، راڻا فيصل، راڻا نديم، اسلم گل، عثمان ملڪ، چوڌري اختر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، قمر زمان ڪائره چيو ته عمران خان سخت شرطن تي مالياتي ادارن سان معاهدا ڪيا ۽ ماضي جي حڪومتن گذريل 10 سالن ۾ ايترا قرض نه ورتا جيترا عمران خان پنهنجي حڪومتي دور ۾ ورتا. عمران خان جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ۽ ان جي غلط پاليسين سبب اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيو آهي، هن چيو ته عمران خان قوم کي سبز خواب ڏيکاريا، بي گهر ماڻهن کي 50 لک گهر ۽ بيروزگارن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جواعلان ڪيو، پي ٽي آءِ پنهنجي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ هڪ به نئون منصوبو نه لڳايو، عمران خان ڄاڻي وٺي ته صرف نعرن سان ملڪ اڳتي نٿا وڌن، پاڪستان کي بحرانن ۾ ڌڪي هليو ويو، هن کي پنهنجي دور جو حساب ڏيڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.