ناٺي ڌيءُ کي گم ڪري ڇڏيو آهي، چڪ ۾ پيرسن جو احتجاج

لکي غلام شاهه (ت ر )چڪ لڳ ڳوٺ بيچانجي ۾ پيرسن الف شر پنهنجن گهر ڀاتين سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي ناٺي ٺارو  شر پنهنجن عزيزن صيفل شر .حاجي شر .اربيلو شر .صالح شر ۽ بشير شر سان گڏجي منهنجي نوجوان ڌي راشده شر زال ٺارو شر کي گم ڪري ڇڏيو آھي .پيرسن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مٿان جوابدار مون کي ڌي سان ملڻ به ڪونه ٿا ڏين .منهنجي ڌي جا ٻار مون وٽ آھن .مان چڪ پوليس وٽ اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نانهي .هن احتجاج ڪندي وڌيڪ چيو ته جوابدار بااثر آھن هو هر روز مونکي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آھن ۽ گذريل ڏينهن به هنن منهنجي سستي بستي واري گهر تي حملو ڪري مون سميت منهنجي گهرڀاتين تي سخت تشدد ڪيو هو .هن اعلا اختيارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي ڌي کي بازياب ڪرائي هن جي زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.