پاڪ – ڀارت ورلڊ ڪپ مقابلو آمريڪا ۾ ٿيڻ جو امڪان

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچن لاءِ آمريڪا جي ٽن شهرن کي شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب آءِ سي سي طرفان فلوريڊا، لاس اينجلس ۽ آڪلينڊ کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پاڪ – ڀارت مقابلو به آمريڪا ۾ ئي ٿيڻ جو امڪان آهي.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته آءِ سي سي وفد ڊسمبر ۾ مختلف شهرن ۾ سهولتن جو جائزو ورتو هو.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز گڏيل ميزبان آهن، ان حوالي سان يو ايس ڪرڪيٽ جي صدر چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان کي آمريڪا ۾ ڪرائوڊ جي گهڻي سپورٽ آهي، ويسٽ انڊيز بدران آمريڪا ۾ باڪس آفيس ميچ ٿيڻ جي اميد آهي.

رپورٽن موجب پاڪ – ڀارت مقابلو فلوريڊا ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون 2024 ۾ ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.