ڊالر جي اڏام جاري، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.

انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڊالر 52 پئسا مهانگو ٿي 229 رپين 67 پئسن جو ٿي ويو آهي، گذريل ڏانهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 229 رپين 15 پئسن تي بند ٿيو هو.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 50 پئسا وڌيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊالر 240 رپين جو ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 239.50 رپيا هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.