لاڙڪاڻي ۾ يوٽيلٽي اسٽور عملو يرغمال، گراهڪن کان به پئسا ۽ موبائيل ڦر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي شهيد عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي حد اولڊ بس اسٽان واري علائقي ۾ رائيس ڪئنال روڊ تي موٽرسائيڪل سوار ڦورن يوٽيلٽي اسٽور ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي اسٽور جي انچارج، عملي ۽ خريداري لاءِ آيل شهرين کي يرغمال بڻائي هڪ لک روپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ پنج موبائيل فونون ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي يوٽليٽي اسٽور جي انچارج محمد بچل ڀٽو صحافين کي ٻڌايو ته اڄ منجهند ڌاري نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن يوٽيلٽي اسٽور ۾ گهڙي مون سميت عملي ۽ خريداري لاءِ آيل ماڻهن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪندي هڪ لک 32 هزار روپيه روڪ رقم ۽ پنج موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو پوليس پهچي تفصيل وٺي رواني ٿي وئي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي هٿياربند ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل روڪ رقم ۽ موبائيل فونون واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان شهيد عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽور تان ڦر ڪندڙن ماسڪ پاتل هئا جنهن جا سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد ڦورن جو پتو لڳايو ويندو يوٽيلٽي انتظاميا جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.