ٽيريان ڪيس: جمائما جو ڊيڪليريشن رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي عدالت توشاخانه ريفرنس ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف داخل پٽيشن واپس وٺڻ جي متفرق درخواست مرڪزي ڪيس سان ملائي ڇڏي هوڏانهن عمران خان جي مبينه ڌيءُ ٽيريان جي سرپرستي بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري جمائما جو 2004 ع جو ڊڪليريشن باقاعده طور تي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو، شهري ساجد محمود پاران عمران خان جي ڌيءُ ٽيريان جيڊ وائيٽ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ لڪائڻ تي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق ڪئي،عدالت عمران خان کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 27 جنوري تائين وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي، عمران جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته شروعاتي جواب جمع ڪرائڻ چاهيون ٿا پر آفيس اعتراض ڪيا آهن ته بائيوميٽرڪ لاءِ عمران خان کي پاڻ اچڻو پوندو،چيف جسٽس چيو ته هاڻي ته بائيو ميٽرڪ جي تصديق لاءِ مختلف آئوٽ ليٽس موجود آهن، توهان۽ توهان جو اصيل ايترا بااثر آهيو جو بائيوميٽرڪ مشين گهر تي ئي گهرائي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.