ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گلشن اقبال يوسي 7 تي جماعت اسلامي جي اميدوار غلام مصطفيٰ جي ٻن پولنگ اسٽيشنن ۾ ٻيهر پولنگ ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان اليڪشن ٽربيونل فورم ۾ درخواست داخل ڪرايو.درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هن وقت تائين ٽربيونل نه ٺاهيو ويو آهي، تيستائين ته مخالف اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.