ميهڙ ۾چونڊ نتيجا روڪڻ خلاف 48 ڪلاڪن کان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ميهڙ (رپورٽ:فراز چنو) ميهڙ مان مڪاني چونڊ کٽيندڙ ۽ ميونسپل چيئرمين جي نامزد اميدوار پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز ٻرڙو جي گرفتاري ۽ چونڊ نتيجا روڪڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي لڳايل ڌرڻو ٻئين ڏينهن به جاري رهيو، انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي سبب ٻئي ڏينهن به ٽرئفڪ معطل رهي جڏهن ته سوين ماڻهن انڊس هاءِ وي تي شاميانا هڻي سخت ٿڌ ۾ٻي رات به گذاري. مظاهرين جو چوڻ هو  ته نياز ٻرڙو جي آزادي ۽ 8 ڪائونسلرن جي ڪاميابيءَ جا نتيجا پڌرا ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.هوڏانهن پوليس نياز ٻرڙو کي سخت سڪيورٽي ھيٺ ميھڙ جي سيڪنڊ سول جج اعجاز علي جروار جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس 10 ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو جڏھن ته نياز علي ٻرڙو کي ميھڙ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت پارٽي ڪارڪنن ۽ ھمدردن پھچي گلن جا ھار پارايا ۽ نياز ٻرڙو جي حمايت ۾ نعرا پڻ هنيا. ھوڏانھن پي ٽي آءِ جي  گرفتار اڳواڻ نياز ٻرڙو عدالت ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ ميهڙ جي قيادت آفيسرن کي ھٿيارن ۽ پئسن جي زور تي خريد ڪري دٻاءُ وجھي اسان جا نتيجا تبديل ڪرڻ چاھي ٿي، ڊي سي دادو مرتضيٰ علي شاهه، آر او ميھڙ ايڪس اي اين شاھد شاھ پ پ جي نمائندن کان 3 ڪروڙ وٺي اسان جا نتيجا تبديل ڪري رھيا آھن پر اسان عوامي مينڊيٽ ڪنھن به طرح چوري ڪرڻ نه ڏينداسين. ھن چيو ته چڙھائي دوران پوليس منھنجي گھر مان سونا زيور، روڪ رقم کان علاوهه ٻيو سامان به کڻي وئي، هاڻي منھنجي کنيل سامان تي سي آءِ اي انچارج ۽ ايس ايس پي دادو وڙھي رھيا آھن پر مان آزاد ٿيڻ بعد مٿن سامان واپسي لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪندس ۽ عدالت مان انصاف جي اميد رکان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.